SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


قوم پرستي


دفتري اصطلاحن جي ڊڪشنريءَ مان:


قوم پرستي

Nationalism


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


قوم پرستي

Nationalism

نيشنلزم

گڏيل ثقافتي قدرن ۽ حب الوطنيءَ جي جذبن تي ٻڌل هڪ سياسي نظريو ، جنهن مطابق مختلف لاڙن ۽ طبقن ۾ ورهايل ماڻهن جو هڪ گروهه ، اجتماعي حاصلات لاءِ پنهنجي قوم ۽ ان جي مفادن سان سگهاري انداز ۾ سلهاڙيل ۽ واڳيل هجي ٿو . جديد دور ۾ هي نظريو ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ ۽ ترقيءَ جو اهڃاڻ سمجهيو وڃي ٿو . هونئن ته قوم پرستيءَ جي تاريخ تمام پراڻي آهي ، پر صنعتي انقلاب کان پوءِ يورپ ۾ جديد رياست جي قيام ۽ وڌيڪ وسيلا هٿ ڪرڻ جي سلسلي ۾ ’قوم پرستي‘ هڪ وڏي ۽ متحرڪ سگهه ثابت ٿي . اڳتي هلي اڻويهين صديءَ ۾ هن نظريي عالمي سطح تي ان مهل وڏي مقبوليت ماڻي ، جڏهن بيٺڪي راڄ خلاف هيڻين ۽ غلام قومن آزاديءَ جون تحريڪون هلايون . قوم پرستي جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا .


.


قوم پرستي بابت وڌيڪ اصطلاح

  • قوم پسندي- قوم پرستي
  • معاشي قوم پرستي

  • Remember Me Also:

    لونب

    لُونبَ جمع لُونبُون (ٿ)

    ث . اُٺ کي سونهن لاءِ ٻڌل جهوڙا يا پيٿي، ٽَونرُ.

    Let's Learn Sindhi

    Online Sindhi Learning

    SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

    Visit the site

    Virtual Books Library

    SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

    Visit the library

    Portal for Sindhi Kids

    For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

    Go to portal